خادم سخيراڻي

خادم سخيراڻي

خادم سخيراڻي

خادم سخيراڻي (راڳي): ريڊيي ۽ ٽي. ويءَ جو نامور فنڪار خادم سخيراڻي ولد محرم علي سخيراڻي، 1961ع ڌاري دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل ڳوٺ تاريخي ڳوٺ خداآباد جي ويجهو هو، جنهن ڦڪا سڏيو وڃي ٿو. خادم سخيراڻيءَ جو ڏاڏو سنڌ ۾ دهلن ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر مڃيو ويندو هو.
خادم سخيراڻي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ فنڪار آهي. جڏهن دادو شهر ۾ ’استاد بخاري ميوزڪ ڪلب‘ قائم ٿي هئي ته اتي مشهور ڪلاسيڪي راڳي، استاد محمد صالح ساند اچي راڳ ڏيڻ جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي هئي. نوجوان خادم سخيراڻي پڻ استاد محمد صالح ساند کان ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا گُر سکيا. استاد محمد صالح ساند جي ڪلاسيڪي انگ ۽ رنگ کي استاد منظور علي خان پڻ مڃيندو هو. استاد محمد صالح شام جو ٻه چار ڪلاڪ راڳ جي سکيا ڏيندو هو. ان ميوزڪ ڪلب مان سکيا وٺندڙن مان اڪبر بروهي، استاد نظر محمد چنو، قادر سنڌيءَ ۽ خادم سخيراڻي سندس خاص شاگردن مان هئا. استاد صالح ساند جي لاڏاڻي کان پوءِ خادم سخيراڻيءَ، استاد نظر محمد کي پنهنجو استاد ڪيو ۽ ’استاد بخاري ميوزڪ ڪلب‘ ۾ خود به راڳ جي سکيا ڏيڻ شروع ڪيائين. ڪيترن نوجوان فنڪارن هن کان سکيا ورتي. خادم سخيراڻي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو مقبول فنڪار آهي. هُو هارمونيم تي سٺي دسترس رکي ٿو. بانسري ۽ طبلو به وڄائيندو آهي. گذرمعاش لاءِ خادم سخيراڻي واپڊا ۾ ملازمت ڪندو آهي ۽ هن وقت نوڪريءَ جي سانگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو. 2007ع ۾ کيس ’آسا‘ تنظيم پاران طرفان موسيقيءَ جو اوارڊ ملي چڪو آهي.


لفظ خادم سخيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو